Tag » Highway

سنڌ ۾ وڌندڙ روڊ حادثا ۽ ضايع ٿيندڙ جوان زندگيون ـ عامر جوڻيجو

سنڌ ۾ روڊ حادثا ڪا نئين ڳالهه ناهين اهو ڏينهن خالي ناهين جنهن ڏينهن سنڌ جو روڊ رت سان رنڱيل نه هجي ۽ اخبارون چڪنا چور ٿيندڙ جوان زندگين جي خبرن جا ڀريل نه هجن! سنڌ ۾ ڪافي عرصي کان روڊ حادثا ٿيندا پيا اچن جن ۾ هڪ هڪ خاندان جا 10 _ 10 ڀاتي فوت ٿي وڃن، لائون لهڻ کانپوءِ زندگي جي نئين سر شروعات ڪندڙ گھوٽ به اجل جو شڪار ٿي وڃن ٿا، آءُ’ ان ڳالهه کان انڪاري ناهيان ته روڊ حادثا صرف سنڌ ۾ ٿين ٿا روڊ حادثا ته پوري ملڪ اندر ٿين ٿا پر انهن ۾ ايتري شدت نه هوندي جيتري سنڌ هوندي آهي. جيڪڏهن ڏسجي ته ڄامشورو سيوهڻ روڊ به جوان جوانين لاءِ موت جو راڪاس بڻيل آهي منهنجي خيال ۾ ته ان روڊ تي هڪ سال اندر 200 کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن پر انهن روڊ حادثن جي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان ڪي به اپاء نه ٿا ورتا وڃن، اسان جا حڪمران خالي افسوس جوڳن بيانن تائين محدود ٿي ويندا آهن ۽ دل جھوريندڙ واقعي بيان ڏيڻ بعد آفيسن ۽ گھرن تائين محدود ٿي ويندا آهن پر انهن روڊ حادثن جي روڪٿام لاءِ ڪي جوڳا اپاء نه وٺندا آهن! ـ
هڪ اهڙو ئي دل جھوريندڙ حادثو سڪرنڊ واسين سان لڪي شاهه صدر وٽ پيش آيو جيڪي قلندڙ لعل شهباز جي زيارت ڪرڻ وڃي رهيا هئا، جنهن ۾ هڪ گھر جا 6 ڀاتي روڊ حادثي فوت ٿي ويا ۽ 18 ڀاتي شديد زخمي ٿي پيا، جڏهن ته روڊ حادثي ۾ فوت ٿيلن ۾ 3 سڳا ڀائر اياز، رياض، غلام مصطفى مگسي سندس چاچو مولوي حاجي نبي مگسي ۽ حاجي مگسي جو نوجوان پٽ محمد ياسين مگسي ۽ معصوم مسڪان مگسي روڊ حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويا هي لاش ايترا ته چيباٽجي ويا جو ڏسڻ وٽان به نه هئا، زخمين کي فوري طور سڪرنڊ جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته هڪ خاندان جي 6 ڀاتين جا لاش سڪرنڊ تعلقي جي دليل ديرو پهتا ته سندس گھر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو. هنن کي اها خبر نه هئي ته سندن سر (حياتيون) نه پر لاش گھر واپس ايندا! جيڪڏهن هنن کي اها خبر هجي ها ته اسان سان ڪٿي نه ڪٿي حادثو پيش ايندو ته اهي گھر کان ٻاهر نه نڪرن ها! ان امڙ کان پڇيو وڃي جن جا جگر هميشه لاءِ وڇڙي ويا ۽ ان ونيء کان پڇيو وڃي ته هوءَ هميشه لاءِ بيواهه ٿي وئي انهن وٽ اهو وقت قيامت صغرى کان گھر نه هوندو جنهن وقت هنن جا چيباٽيل لاش گھر پهتا! جنهن وقت هي حادثو پيش آيو ته فوتين جا وارث انهن جي لاشن مٿان زارو قطار روئي رهيا هئا ـ
هڪ ٻيو حادثو 5 ڏينهن پهريان خيرپور ضلعي جي تاريخي شهر ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ پيشو آيو هو جنهن ۾ ٻٻرلوءِ جي ڳوٺ ڪلر جا رهواسي ٻه سڳا ڀائر ذوهيب ۽ محسن جتوئي جيڪي ٻٻرلوءِ کان ڳوٺ موٽرسائيڪل تي وڃي رهيا هئا ته سندس موٽرسائيڪل مٿان ٽرالر چڙهي ويو ۽ هوُ موقعي تي چيباٽجي فوت ٿي ويا ۽ سندن ويجھو مائٽ شڪيل جتوئي شديد زخمي ٿي پيو. هنن نوجوان سڳن ڀائرن جا لاش ڏسڻ جهڙا نه هئا ايتري قدر جو جسم جا ٽڪڙا به پري پري تائين وڃي ڪري پيا ۽ سندن لاش ڳنڍ جي صورت ۾ گھر آندا ويا ته سندن امڙ بيهوش ٿي وئي ۽ روئي روئي پنهنجو ذهني توازن به وڃائي ويٺي آهي، وري ان واقعي کي ٻه ڏينهن مس گذريا ته ساڳئي هنڌ وٽ ٽرالر سامهون هلندڙ چنگچي رڪشا کي زوردار ٽڪر هنيون جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان پورهيت شوڪت مهر موقعي تي فوت ٿي ويو ـ
روز ڪيترائي گهوٽ گهايل لڳن ٿا ۽ ڪيتريون ئي جوانيون چڪنا چور ٿين ٿيون. اهي واقعي روز جو معمول بڻجي وڃڻ جي ڪري هاڻي اسان جو گهڻو ڌيان به نه ٿا ڇڪرائين.چوندا آهن ’جٿي باهه ٻري سا جاءِ جلي‘ وانگر درد جي سٽ اتي ئي اڀري ٿي جن جو ماڻهو انهن حادثن جو کاڄ بڻجي ٿو. باقي ماڻهو انهن واقعن جي خبرن کي معمول سمجهي پڙهي پنو ورائي ڇڏين ٿا. گڏ ڪيل ڄاڻ موجب سنڌ ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ سڀ کان وڌيڪ دادو سيوهڻ، ٻٻرلوءِ، گمبٽ کان موري تائين وارا روڊ ڪيتريون ئي جوان حياتيون ڳڙڪائي چڪا آهن جيڪڏهن اسان جي معاشري جا فرد رڳو روڊ حادثن ۾ زيان ٿيندڙ جانين جا انگ اکر پڙهن ۽ اها دل جھوريندڙ حادثا اکين سان ڏسن هوُ گهر تائين محدود ٿي ويندا ۽ ٻاهر وڃڻ جي لاءِ ڏهه ڀيرا سوچيندا، جيئن اڄڪلهه ڏڪار سبب ٻارن جي موت تي ٿري مائرون سوچينديون آهن ـ
اها حقيقت آهي ته سنڌ ۾ هر سال روڊ حادثن ۾ مرندڙ ماڻهن جو انگ ٽارگيٽ ڪلنگ، دهشت گردي ۽ قبيلائي تڪرارن جي مرندڙ ماڻهن کان ڏهه ڀيرا وڌيڪ هجي ٿو. روزاني جون اخبارون اهڙن حادثن جي خبرن سان ڀريون پيون آهن. ڪي حادثا ته اهڙا زخم ڏيئي ويا آهن جيڪي شايد ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندا.! ـ
جيڪڏهن ڏسجي ته جڏهن سپر هاءِ وي توڙي قومي شاهراه تي جڏهن حادثو پيش ايندو آهي ته موٽروي پوليس وٽ وقت سر ايمبولينس به نه هوندي آهي جو هوُ حادثي ۾ زخمي ٿيل اسپتال پهچائين نتيجي ۾ زخمي ٿيل نوجوان پنهنجي زندگي تان هٿ کڻي ويهندو آهي، ان کان سواءِ سڄي سنڌ جي روڊن تي اهڙي ڪابه سهولت به موجود ناهي جنهن سبب هنگامي حالتن ۾ تمام گھڻيون ڏکيائيون پيش اچن ٿيون. ٽرئفڪ وڌيڪ هجڻ باوجود روڊ سوڙها آهن. ڊرائيور جي غفلت، دوران ڊرائيونگ نشي جو استعمال ڪرڻ ۽ لڳاتار 12_12 ڪلاڪ ڊرائيونگ ڪرڻ سبب به حادثا ٿين ٿا ـ
اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي ته موت برحق آهي پر وڌنڌڙ روڊ حادثن ۾ مرندڙ ماڻهن جي موت جي ذميواري لاڳاپيل کاتن تي آهي. جن جي غفلت جي ڪري ڪيترائي حادثا پيش اچن ٿا. انڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت کي گھرجي ته سنڌ ۾ جتي جتي روڊ رستا درست نه آهن کي جلد کان جلد درست بڻايو وڃي ۽ اهڙيون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن حادثن ۾ زخمين کي اسپتالن تائين پهچائي انهن جي زندگين کي بچائي سگھجي، ۽ روٽ تي هلندڙ وڏين وڏين گاڏين جي ڊرائيورن ليسن به چيڪ ڪيا وڃن ته روڊ حادثي ۾ ڪا جوان زندگي چڪنا چور نه ٿئي نه ڪنهن جيجل ماءُ جي جگر جو ٽڪڙو جدا ٿئي ـ

Columns

Near new

Inauguro una nuova serie di articoli, composta da n. 1 posts e da alcuni prequels inediti. Purtroppo la serie si chiama: “qualcosa di me”. Ogni volta dico una cosa su di me. 11 kata lagi

Photography

Distant Highway

A shot from a couple of years ago. During our lives we have spent many hours crossing the Canadian plains. We are huge fans of the prairies. 23 kata lagi

Landscape

How Many Avalanche Paths Are Above Colorado Highways?

This embed is invalid

We love mountains, we love snow, we hate traffic. If you’ve ever been stuck in an avalanche mitigation situation on a Colorado highway you may have wondered just how many avalanche paths lie above the Centennial States highway system?  118 kata lagi

Avalanche

The Autobahn is the german highway. I imagine the name is kinda known in some places around the world since it sounds funny is kind of connected to the Nazis. 245 kata lagi

Blogging