Tag » Afghanistan

وچ اوڀر ۾ ٻرندڙ باهه کي ڀڙڪائڻ جو ”بندوبست“ ـ جاويد راڄپر

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي پهرين پرڏيهي دوري تي سعودي عرب پهتو ۽ عرب حڪمرانن سان ڊگهين ملاقاتن سان گڏ آمريڪا ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ 110 ارب ڊالر جي ماليت جي هٿيارن ۽ بارود جي خريداريءَ جو معاهدو ٿيو. ڊونلڊ ٽرمپ جي عرب حڪمرانن سان ملاقات دوران مصري فوجي آمر السيسيءَ آمريڪي صدر ٽرمپ جي ”ساراهه“ ڪندي چيو ته ”هي هڪ نرالي شخصيت آهي جيڪا ناممڪن ڪم ڪري ڏيکارڻ جي قابل آهي“ جنهن تي آمريڪي صدر ٽهڪ ڏنو. پر اهم سوال هي آهي ته اهو ڪهڙو ناممڪن ڪم آهي جنهن کي ممڪن بنائڻ لاءِ ٽرمپ جي خوشامد ڪئي پئي وڃي؟ ۽ اربين ڊالرن جا هٿيار ۽ بارود ڪٺو ڪيو پيو وڃي ۽ 36 ملڪن تي ٻڌل فوجي اتحاد جوڙيو ويو آهي؟ ان هيڏي ساري بندبوست پٺيان ضرور ڪو اهم مقصد هوندو ـ
ٻي عالمي جنگ کانپوءِ سڄي دنيا تي پنهنجو اثر رسوخ قائم ڪرڻ ۽ سوويت يونين جو گهيرو ڪرڻ لاءِ آمريڪي سرواڻيءَ هيٺ عالمي سامراجي قوتن ڏينهن رات هڪ ڪري ڏنو ۽ اهڙين بڇڙاين کي پيدا ڪيو جن اڳتي هلي پنهنجن پاليندڙن کي سڌي ۽ اڻسڌي ريت ڏنگ هڻڻ شروع ڪيا. انهيءَ جنگ جو وڏو اکاڙو افغانستان هو جتان سامراجي دنيا پنهنجي فتح ۽ سوويت نظام جي ناڪاميءَ جو دهل وڄائي سڄي دنيا کي ”مبارڪون“ ڏيندي چيو ته سرمائيداري نظام جي سوڀ ٿي آهي. پر ان ”تاريخ جي انت“ واري جشن کي ڏهاڪو سال مس گذريا ته نائن اليون جو واقعو ٿيو. جنهن کانپوءِ دهشت ۽ وحشت جي نانگن جي پالنا ڪندڙن پنهنجن پاليل بلائن کي چٿڻ شروع ڪيو، اول مخصوص هنڌن تي، پوءِ هڪ هنڌ دهشتگردن کي مارڻ ۽ ٻئي هنڌ پالڻ واري پاليسي تي عمل ڪيو. پر ڏهاڪو سال گذرڻ کانپوءِ اها سموري راند جيڪا ٻين کي تباهه ڪرڻ لاءِ کيڏي وئي اُها کين ئي تباهه ڪرڻ لڳي. ان يوٽرن جي ابتدا شامي جنگ کان ٿي. ۽ اها تڪليف شديد ٿي وئي جڏهن يمني تڪرار اينگهجي ويو ـ
شامي گهرو جنگ جيڪا 2011ع کان شروع ٿي پر ڇهن سالن جي لڳاتار ويڙهه، لکين ماڻهن جي دربدري کانپوءِ نيٺ داعش پٺتي پير ڪرڻ شروع ڪيا، اسد فورسز جي حيثيت ٿوري مستحڪم ٿي، نتيجي طور عام تاثر اهو پيدا ٿيڻ لڳو ته هاڻي شايد وچ اوڀر جي جنگي محاذ تي ڪجهه ٺاپر ٿيندي. پر جن ڌرين شام ۾ اسد حڪومت جو تختو اونڌو ڪرائڻ چاهيو پئي تن کي مايوسي ٿيڻ لڳي ڇاڪاڻ ته اُنهن ئي ڌرين داعش جهڙي وحشي قوت کي تاتي پالي تيار ڪيو هو پر روس ۽ ايران ۽ حزب الله جي مداخلت سبب سندن مقصد ڪامياب نه ٿيو ۽ الٽو جيڪا کڏ اُنهن ٻين لاءِ کوٽي هئي اُن منجهه پاڻ ئي ڪري پيا. مثال طور انهيءَ شامي جنگي تڪرار ۾ ترڪيءَ اسد مخالف قوتن جي حمايت ڪئي پر نيٺ معاملو سندس ئي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو ڇاڪاڻ ته هاڻي شام ۽ عراق ۾ ڪردن جي پيش رفت تيزيءَ سان جاري آهي جيڪا سڀ کان وڏو خطرو خود ترڪيءَ لاءِ آهي. آمريڪا وچ اوڀر ۾ پنهنجن اهم اتحادين (خاص ڪري سعودي عرب ۽ اسرائيل) کي خوش ڪرڻ لاءِ شامي تڪرار ۾ ٽُپ ڏنو هو پر ان جو مقصد به حاصل نه ٿيو الٽو روس جو اثر رسوخ وڌي ويو. اها ئي وچ اوڀر جي باهه انڪري سعودي حڪمرانن طرفان ٻاري وئي ته جيئن ايران جي وڌندڙ اثر رسوخ کي ٻنجو ڏئي سگهن پر کين به اهو مقصد حاصل نه ٿيو. الٽو ايران جو اثر رسوخ صرف شام تائين محدود نه رهيو پر اُهو ڦهلجي عراق ۽ يمن ۾ به پهچي ويو. هاڻي اها يمني جنگ آهي جنهن خود سعودي عرب کي سهڪائي ڇڏيو آهي ـ
افغانستان، عراق، لبيا ۽ شام جي اڻ حل ٿيل تڪرارن ۽ اُنهن جي ڀيانڪ نتيجن کانپوءِ عالمي طاقتون (خاص ڪري آمريڪا ۽ اولهه) يمني تڪرار ۾ سڌي ريت مداخلت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. جنهنڪري هن ڀيري يمني تڪرار علائقائي طاقتن جهڙوڪ سعودي ۽ ايران جي ”پراڪسي جنگ“ جي ميدان طور استعمال ٿئي پيو ۽ اُن ۾ سعودي عرب جا اتحادي ملڪ گهڻا آهن جهڙوڪ گڏيل عرب امارات، ڪويت، بحرين ۽ قطر سميت اڻسڌي ريت آمريڪا به سندس ساٿ ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته ٻئي پاسي باغي قوتون ۽ ايران آهن ـ
ايران توڻي جو هڪ قدامت پسند ملڪ آهي پر عالمي سطح تي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ملڪن منجهان هڪ آهي جيڪو سڌي ريت آمريڪا ۽ اسرائيل توڙي سعودي عرب جهڙين وڏين طاقتن کي للڪاريندو رهيو آهي. دنيا جي سپر پاور آمريڪا، وچ اوڀر جي وڏي فوجي توڙي معاشي طاقت اسرائيل ۽ مسلمان توڙي عرب ملڪن جي سڀ کان وڌيڪ طاقتور ملڪ سعودي عرب طرفان سوين هيلا بهانا ڪرڻ باوجود ايران هن دنيا جي نقشي تي پنهنجو وجود برقرار رکيو پيو اچي، پر اِن کان به وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته آمريڪا جهڙو سپر پاور (اوباما انتظاميا جي دور ۾) هڪ ئي وقت اسرائيل جهڙي ساٿي ۽ سعودي عرب جهڙي اتحاديءَ کي ناراض ڪندي به ايران سان ويجهڙائپ جون ڪوششون ڪندو رهيو ـ
بهرحال 21 هين صديءَ جي پهرين ڏهاڪي ۾ ڪيترائي واقعا ٿيا جن ايران کي علائقائي اسٽيج تي هڪ سرگرم ڌُر طور واپسيءَ ۾ مدد ڪئي. عراق ۾ صدام کانپوءِ واري حڪومت، جيڪا آمريڪا جي آشيرواد هيٺ قائم ٿي، آهستي آهستي ايران سان ويجهي ٿيندي رهي. وري 2007ع ۾ فلسطيني تحريڪ حماس ۽ فتح/پي ايل او جي وچ ۾ ورهائجي وئي، اُن جي نتيجي طور حماس کي غزا جو ڪنٽرول حاصل ٿي ويو ۽ لبنان ۾ حزب الله جي تحريڪ اسرائيل جي مدمقابل موثر قوت طور زور ورتو. 2011ع کانپوءِ وچ اوڀر جي ڪيترن ملڪن اندروني طور تي هڪ اُٿل پٿل (عرب بهار) کي منهن ڏنو. ڪجهه عرب رياستن ۾ جيئن ئي اندروني ڏڦيڙ اينگهه ڪئي ته نتيجي طور اندروني سياسي توازن بگڙجي ويو ۽ ڪيترن سياسي، مذهبي ۽ قبيلائي قوتن ۾ ورهائجي ويو، پاڙيسڙي رياستن پنهنجي ڌُر جي حمايت لاءِ مداخلت ڪرڻ شروع ڪئي. لبيا، شام، بحرين ۽ يمن وچ اوڀر جي رياستن ۽ هڪٻئي سان ٽڪراءَ ۾ ايندڙ مفادن جا ميدان جنگ بڻجي ويا. انهيءَ تسلسل ۾ ڏسجي ته ايران جي پٺڀرائي سان حوثي باغي يمن ۾ ويڙهه ڪن پيا. تازو عراق ۾ تڪريت کي داعش کان ڇڏائڻ لاءِ ايراني فوجي آفيسرن جي ماتحتيءَ ۾ عراقي فوج ويڙهه ڪئي ۽ علائقو دهشتگردن کان کسي ورتو. شام جي اُتر ۾ بشارالاسد جي فوج فتحون ماڻي رهي آهي جنهن کي ايران جي پٺڀرائي حاصل آهي. بظاهر ته يمن، شام ۽ عراق ۾ هلندڙ ويڙهه حوثي باغين، داعش، اسد فورسز، حزب الله، ڪردن ۽ سعودي سرواڻي هيٺ اتحادين جي وچ ۾ هلندڙ آهي پر انهيءَ ويڙهه جو اصل هدف ايران جي وڌندڙ اثر رسوخ کي ٻنجو ڏيڻ آهي. اهو ئي سبب آهي جو سعودي حاڪم وچ اوڀر جي تڪرارن کي ڪنهن نه ڪنهن ريت ايران سان ڳنڍين ٿا. سعودي حڪمران خليجي ملڪن کي ”ايراني خطري“ کان خبردار ڪندي اُن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ چوندا رهيا آهن. عجيب اتفاق آهي ته ٽرمپ سعودي عرب جو دورو اُن وقت ڪيو جڏهن ايران ۾ صدارتي اليڪشن ٿي ـ
جڏهن ته ٻئي پاسي خود سعودي عرب اندر مسئلا وڌي ويا آهن تنهنڪري پنهنجي عوام جي ڌيان کي ٿيڙڻ لاءِ کيس ٻاهريون دشمن کپي ٿو. اندروني طور تي سعودي عرب خود وڏي خساري جو شڪار ٿي چڪو آهي. 2016 ڊسمبر ۾ پيش ڪيل مالي سال 2017ع واري بجيٽ ۾ تقريبن 53 ارب ڊالرن جي خساري جو تخمينو لڳايو ويو. هلندڙ مالي سال روينيو ۾ حاصل ٿيندڙ رقم 184 ارب ڊالر جي ابتڙ خرچن جو تخمينو 237 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي. گذريل مالي سال 97 ارب ڊالر جي رڪارڊ خساري سبب دنيا ۾ تيل جي سڀ کان وڏي وڪرو ڪندڙ ملڪ اهم تعميراتي منصوبن کي روڪي ڇڏيو آهي، بجيٽ پيش ڪرڻ وقت شاهه سلمان جو چوڻ هو ته ”بجيٽ انتهائي غيرمستحڪم اقتصادي صورتحال جي وقت آئي آهي جنهن جو وڏو ڪارڻ عالمي اقتصادي ترقي ۽ تيل جي قيمن ۾ لاٿ آهي.“ ايتريقدر جو ڪابينا جي وزيرن جي پگهارن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. وڌندڙ مالياتي خساري جي ڪري سعودي حڪومت گذريل سال ٻارڻ لاءِ ڏني ويندڙ سبسڊيءَ ۾ به تمام گهڻي گهٽتائي ڪري ڇڏي هئي جڏهن ته ماڻهن جي قوت خريد ۾ پڻ لاٿ آئي هئي. تيل جون قيمتون جيڪي 2014ع ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ وڌي ڪري في بيرل 100 ڊالر ٿي ويون هيون سي 2016ع ۾ گهٽجي 40 ڊالر تي اچي پهتيون. 2015ع دوران تيل جي گهٽ ٿيل قيمتن سبب سعودي بجيٽ ۾ 100 ارب ڊالر جو خسارو ٿيو هو ڇاڪاڻ ته ملڪي آمدنيءَ جو 70 سيڪڙو تيل مان ئي حاصل ٿئي ٿو. جڏهن ته ٻه ٽي هفتا اڳ سعودي عرب جي سول سروسز جي وزارت سڀني سرڪاري ادارن کي حڪم ڏنو آهي ته 3 سالن اندر اندر سڀني غيرملڪين کي نوڪري مان فارغ ڪيو وڃي. سعودي حڪومت بظاهر اهو چوي ٿي ته 2030ع منصوبي تحت وڌ کان وڌ مقامي ماڻهن کي روزگار جا موقعا مهيا ڪرڻ آهي. سول سروسز جي ڊپٽي وزير عبدالله ال ميلفي سڀني لاڳاپيل ادارن کي حڪم ڏنو آهي ته 2020ع کانپوءِ ڪوبه غيرملڪي نوڪري تي نه هجي. ڊپٽي وزير جي صدارت ۾ رياض ۾ هڪ اعلى اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٻُڌايو ويو ته گذريل سال جي پڄاڻيءَ تائين سڄي ملڪ ۾ 70 هزار غيرملڪي ماڻهو نوڪري ڪري رهيا هئا. هڪ رپورٽ مطابق سعودي حڪومت نومبر 2016ع کان هن مهل تائين 39 هزار پاڪستانين کي بيدخل ڪيو ـ
هڪڙي پاسي اندروني مسئلا ۽ ٻئي پاسي ٻاهريان خطرا، هڪڙي پاسي يمني جنگ جو خرچ، ٻئي پاسي اربين ڊالرن جي هٿيارن جي خريداري، ٽئين پاسي وڏو فوجي اتحاد اهي سڀ بار ڪٿي ٻيڙي کي ئي نه ٻوڙي وجهن ۽ ائين وچ اوڀر ۾ جيڪا عارضي بهتريءَ جي اميد پيدا ٿي هئي اُها مستقبل آڙاهه بڻجي وڃي، انهيءَ باهه ۾ هاڻي انتهاپسنديءَ سان گڏ هاڻي فرقيواريت جو تيل به هاريو ويندو. انهيءَ سموري بندوبست جو وڏي ۾ وڏو فائدو وري به هٿيارن جي صنعتڪارن ۽ موت جي سوداگرن کي ٿيندو ـ

Columns

Op-ed on Military Escalation in Afghanistan

Read my latest piece at Prospect Magazine arguing against the Trump administration’s reported plans for military escalation in Afghanistan.

Admiral Stavridis: 5 Reasons Trump Should Send More Troops to Afghanistan

As the Trump Administration wrestles with locations, numbers and missions for American combat deployments globally, one perennial has re-emerged near the top of the list: Afghanistan. 898 kata lagi

Rashid Khan's Success Story is Cricket's version of 'Slumdog Millionaire'

The success story of Afghanistan’s teenage sensation, Rashid Khan, is a lot similar to that of Jamal Malik, the protagonist of the 2008-starrer ‘Slumdog Millionaire’. 1.163 kata lagi

Cricket

Politically Unpopular Conflict

“I hate war as only a soldier who has lived it can, only as one who has seen its brutality, its futility, its stupidity.”

It is the soldiers job to fight wars, to close with and kill the enemy, to follow orders even though it may mean death or serious injury. 736 kata lagi

Afghanistan

Maiwand Rahyab: Shaping Afghanistan’s future

Maiwand spent time at Birmingham after applying for a Chevening Fellowship funded by the Foreign and Commonwealth Office. Having just completed his undergraduate degree in law and political science, the programme available at the University was particularly appealing. 285 kata lagi

Ismaili Muslims In The News